'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


ٻارن لاءِ تصويري سنڌي انگريزي لغت

ٻارن لاءِ تصويري سنڌي انگريزي لغت (ڪتاب ):پروفيسر بشير احمد منگي، ٻارن لاءِ تصويري لغت تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ پهرين چار رنگي، سٺي پني تي ڇپيل لغت آهي، اها ڊيمي سائيز 258 صفحن تي مشتمل آهي. ان جي قيمت -/200 رپيا رکيل آهي. هيءَ عالمي معيار جي لغت آهي، جنهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ واريون رنگي.....


ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس دادو

ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس دادو: ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس ١٠ ۽ ١١ نومبر ١٩٥١ع تي جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ انجمن آفتاب ادب جي نگرانيءَ ۽ سھاري ھيٺ ميونسپل پارڪ دادوءَ ۾ ڪوٺائي وئي. ھن ڪم ۾ رئيس ضياءُ الدين بلبل، آخوند شفيع محمد ۽ قاضي علي احمد وڪيل جون ڪوششون شامل ھيون. استقباليه ڪميٽيءَ جو صدر آخوند شفيع .....


ٻالڪ سنڌي

ٻالڪ سنڌي: سندس اصل نالو زاهد علي آهي، سندس والد بخشل شاهاڻي سٺو طبلي نواز آهي. هو 1976ع ۾ ڇاڻي محلي شاهه آباد دادوءَ ۾ ڄائو. پهريون استاد بخشل شاهاڻي هوس. پوءِ منظور سخيراڻي وٽ اٺ سال سکيو. نيٺ استاد عبدالغفور سومري کان باقاعدي ڳانو ٻڌرايائين، ۽ ڪلاسيڪي انگ سکيائين. پاڻ پهريون ڪلام استاد بخاريءَ جو.....


اردو سنڌي لغت

اردو- سنڌي لغت1 (ڪتاب): هيءَ لغت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گڏ مرتب ڪيل آهي. سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي آباديءَ ۾ مستقل ويجهڙائي ۽ هڪ ٻئي جي ٻولين ۽ ادب کي سمجهڻ واري مقصد کي آڏو رکي علامه آءِ. آءِ قاضي ”اردو - سنڌي“ ۽ ”سنڌي - اردو“ لغتن تيار ڪرائڻ جي رٿا جوڙائي، جنهن موجب اهي ٻئي لغتو.....


اردو سنڌي لغت (ڪتاب)

اردو- سنڌي لغت2 (ڪتاب): سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سهڪار سان ڇپيل لغت آهي، جنهن جي تحقيق ۽ ترتيب عبدالستار بلوچ جي ڪيل آهي ۽ نگران نور احمد ميمڻ اٿس. پنجاهه هزار لفظن واري هن لغت ۾ 1024 صفحا آهن ۽ قيمت 750 رپيا لکيل آهي. هيءَ لغت سال 2003ع ۾ شايع ڪئي وئي. .....


ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت

ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت (ڪتاب ):هي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي يونيورسٽي آف ممبئيءَ پاران پي. ايڇ ڊي. (سنڌيءَ) ڊگري لاءِ منظور ڪيل ٿيسز آهي، جيڪا هن ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جي رهبريءَ ۾ لکي ۽ اسٽيج پبليڪيشن احمد آباد پاران 2002ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. هن ڊبل ڪرائون سائيز جي ڪتاب ۾ عربي س.....


اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي

اسحاق سنڌي، قلندر پاٽائي: سنڌ جي پاٽ ڳوٺ جو رهاڪو، دنيا جي سير واسطي قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو. هر هڪ ويراني ۽ آباديءَ جي گوشي گوشي ۾ پهچي ويو ۽ هر هڪ ملڪ کي پوري غور سان ڏسندي سندن خاصيتن کان واقف ٿيو. 958 هجريءَ ۾ سير سفر کي ترڪ ڪري برهانپور (ڏکڻ هندستان) ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ طاهر بن شيخ يوسف سنڌي .....


ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس

ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس: 1924ع ۾ سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ ۽ تعليمي مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ”آل سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي، جنھن جي صدارت سر ابراھيم رحمت الله بمبئيءَ واري ڪئي. ھن ڪانفرنس ڪوٺائڻ پويان نور محمد شيخ وڪيل جون وڏيون ڪوششون ھيون، ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جو بزم مشا.....


اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا: ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ، جيڪي نوجوان سنڌي اديب ۽ شاعر، حالتن جو شڪار ٿي، هند وڃي آباد ٿيا، ته کين سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اتي قائم ۽ سلامت رکڻ جو خيال ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ نوجوان اديبن، ڪلاڪارن/ فنڪارن ۽ سنڌيت جي حامين 1957ع ڌاري پاڻ ۾ گڏ ٿي،.....


اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه(رسالو): سال 1986ع ۾ هندستان مان شايع ٿيندڙ هڪ مخزن، جنهن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ ۽ واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي تعليم ۽ ثقافت جي عڪاسي ۽ نمائندگي ڪئي. هي مخزن ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ پاران جاري ٿيندو هو......


1  2   3   4   5   اڳتي